دينار مري حاجي

دينار مري، حاجي: مشهور سگھڙ حاجي دينار مري ڳوٺ الهه بخش مري لڳ ڦلهڏيون، ضلعي سانگھڙ جو رهاڪو هو. ننڍپڻ کان ئي ڏور بيت چوڻ جو شوق هوندو هوس. اڳتي هلي علائقي جي سگھڙن جي صحبت ۾ رهي، سگھڙپائي جي صنفن جي سکيا ورتائين. هو ڳوٺاڻين ڪچهرين ۽ علائقي جي درگاهن تي ملهائجندڙ ڏهاڙن جي سونهن سمجھيو ويندو هو. هن سنڌ توڙي بلوچستان جي وڏن سگھڙن سان مقابلا ڪيا، کيس هنر صنف سميت مختلف صنفن تي دسترس حاصل هئي. سٽاءَ ۽ معنيٰ جي لڪ رکڻ ۾ به وڏو ماهر هو. هو پنهنجي وقت جو مڃيل سگھڙ هوندو هو. هن 1935ع ڌاري وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو